پروفيسر هيرو شيوڪاڻي

پروفيسر هيرو شيوڪاڻي

هيرو شيوڪاڻي پروفيسر

هيرو شيوڪاڻي، پروفيسر: هيرو ٽيڪمداس شيوڪاڻي سنڌي ادب جو محقق،بهترين استاد ،ڪهاڻيڪار ،نقاد ،مؤرخ ۽ مترجم 6 جنوري 1935ع تي چوهڙ جمالي ،ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو .ورهاڱي سبب سندس خاندان موجوده هندستان ۾ ايندڙ ڪڇ واري علائقي ۾ سڪونت اختيار ڪئي .هن بنيادي تعليم سنڌي ،هندي ۽ انگريزي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي .اي آنرس ۽ ايم .اي هنديءَ جي سند حاصل ڪئي ،جنهن بعد آر .ڪي تلريجا ڪاليج ،الهاس نگر ،هندستان ۾ استاد جا فرض سرانجام ڏنائين ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تائين پهچي رٽائرمينٽ ورتي. هيرو شيوڪاڻي زندگيءَ جا چاليهه سال استادي پيشي سان وابسته رهيو. انهيءَ عرصي دوران هن سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ اهم ڪوششون ورتيون .هي مسلسل 10 سال ساهتيه اڪيڊميءَ جي مرڪزي صلاحڪاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو .ان سان گڏوگڏ هو سنڌي ساهتيه اڪيڊمي ،مهاراشٽر جو به ڇهه سال ميمبر رهيو آهي. سندس لکيل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ وڏي اهميت جا رکن ٿا. بهترين ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ هو سنڌي ڪهاڻيءَ جو بهترين نقاد پڻ هو. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سندس سڃاڻپ سندس تحقيق ۽ ترجمو آهي. ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ (1981ع) سندس بهترين ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن بعد سندس ٻيو ڪتاب ’جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي‘ جي عنوان سان آهي ،جيڪو جدت جي لاڙن ۽ وصفن جي تشريح سان گڏوگڏ سنڌي ڪهاڻيءَ تي تنقيد جو به بهترين ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1975ع ۾ ڇپيو، جنهن بعد ’جائزو‘ 1982ع ۾ ۽ ’نقطه نظر‘ 1992ع ۾ ڇپيو. انهن ڪتابن کان سواءِ سندس انتهائي اعلى درجي جي ڪاوشن ۾ ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۽ ’گورو پرسڪار‘ ( Gaurava Puraskar) جا ڪتاب نهايت ئي اهم آهن .انهن ٻنهي ڪتابن جي اهميت کانپوءِ هيرو شيوڪاڻيءَ اعلى درجي جي محققن ۾ شمار ٿيو. ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ وارو ڪتاب دراصل ايل ايڇ اجواڻيءَ جي انگريزي ڪتاب ( History of Sindhi Literature) جو ترجمو آهي، جيڪو شيوڪاڻيءَ کي ساهتيه اڪيڊمي نيو دهلي، گورنمينٽ آف انڊيا طرفان ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جيڪو هن 1997ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ساڳئي سال ساهتيه اڪيڊميءَ اُهو ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس ٻيو اهم ڪتاب ’گورو پرسڪار‘ به 2000ع ۾ گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪيو ويو .انهن ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ تي تبصرو ۽ تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو مفصل احوال پڻ درج ڪيو ويو آهي .2013ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ’ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب‘ سنڌ ۾ ڪويتا پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي ،جيڪو پڻ تنقيد ۽ ان جي جديد لاڙن بابت آهي. 30 جولاءِ 2021ع تي اُلھاس نگر (ممبئي) ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.01.06  عيسوي

هيرو ٽيڪمداس شيوڪاڻي سنڌي ادب جو محقق، بهترين استاد، ڪهاڻيڪار، نقاد، مؤرخ ۽ مترجم 6 جنوري 1935ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


2021.07.30  عيسوي

هيرو شيوڪاڻي، پروفيسر اُلھاس نگر (ممبئي) ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل محمد گاد
جوڻيجو غياث الدين
انور جوکيو
سجاد علي شاهه جسٽس
اسدالله کهڙوي
پنڊت نکيل بينرجي
عثمان صديقي مخدوم
ڀَلو ڳاھو
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
تماچي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون